ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات

ڏوهن جا ڏونگر ۽ بخشش جي برسات (ڪتاب): هي ڪتاب عربي ٻوليءَ جي مشهور عالم ۽ مديني شريف جي رهواسي ابو طلحه محمد يونس جو توبھ ۽ استغفار جي موضوع تي تحرير ڪيل ڪتاب ’جبال الذنوب وسيل الغفران‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سليم الله سومري ڪيو آهي. گناهن ۽ توبه جي موضوع تي هي ڪتاب تمام ڪارائتو ۽ دل تي اثر ڪندڙ نصيحتن تي مشتمل آهي، جيڪي قرآن، حديث ۽ الله جي نيڪ ٻانهن جي حڪايتن ۽ قصن مان ورتل آهن. ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جي انهن آيتن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي، جيڪي توبه ۽ استغفار جي فضيلتن ۽ خدا جي رحمت جي ڪشادگيءَ جو ڏس ڏين ٿيون. هي ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تقريباً 120 مختصر موضوع، قصه ۽ اسلامي واقعه شامل آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي ترجمو آسان، عام فهم ۽ اختصار تي ٻڌل آهي. ڪن جڳهين تي ٻوليءَ جي تقاضائن موجب ڪجهه محاورن جو اضافو به ٿيل آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ’چڱا اکر‘ جي عنوان سان مترجم جي والد محمد قاسم ولد محمد ادريس سومري جو لکيل آهي. ان کان سواءِ سنڌيڪار پاران ڪتاب جي مواد تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ اصل عربي ڪتاب جبال الذنوب وسيل الغفران جي مصنف پاران لکيل تاليف جو پڻ سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2000ع، 2001ع ۽ 2004ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 200 صفحا آهن. جڏهن ته ان جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو